عبرت (ڪتابي سلسلو)

عبرت (ڪتابي سلسلو)

عبرت ڪتابي سلسلو

عبرت (ڪتابي سلسلو): هيءُ ڪتابي سلسلو محمد عثمان ڏيپلائيءَ 1940ع کان پهريان ٻه ماهي، پوءِ ٽماهي ۽ 1941ع ۾ ماهوار ڪڍڻ شروع ڪيو. هِن ڪتابي سلسلي جي ڪتابن ۾ پيرن، مرشدن ۽ وڏيرن هٿان ماريل ۽ ڏتڙيل سنڌي عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ مختلف موضوعن تي دلچسپ انداز ۾ قصا شايع ڪيا ويندا هئا. جڏهن هيءُ ڪتابي سلسلو اپريل 1944ع ۾ هفتيوار ٿيو ته مهيني جي شروعاتي ٻن پرچن ۾ سندس اسلامي افسانا، مضمون، سوال جواب ۽ خبرون وغيره شايع ٿيندا هئا. جڏهن ته آخري ٻن پرچن ۾ قرآن ۽ حديث جا مضمون ۽ خبرون وغيره شايع ٿينديون هيون.
هيءُ رسالو ڪرائون سائيز ۾ 36 کان 48 صفحن تي مشتمل هوندو هو. هن جو ساليانو چندو ڏهه روپيا هو. هيءُ رسالو محمد خان غني، هاشمي پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ڇپيندو هو ۽ محمد عثمان ڏيپلائي اسلاميه دارالاشاعت حيدرآباد مان پڌرو ڪندو هو. ساڳئي نالي سان پوءِ ’عبرت‘ اخبار جاري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو